تاريخ سنڌ ٽالپر دور پهرين چؤياري

تاريخ سنڌ ٽالپر دور پهرين چؤياري

تاريخ سنڌ ٽالپر دور پهرين چؤياري

تاريخ سنڌ ٽالپر دور (پهرين چؤياري) (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي نامور محقق، تاريخدان، عالم ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ جو ٽالپر حڪمرانن جي اوائلي تاريخ ۽ پهرين چؤياريءَ جي چئن بادشاهن جي تاريخ تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ مقدمي ۽ قطعه تاريخن کانسواءِ پنج باب آهن. باب پهرئين ۾ ڪلهوڙن حاڪمن ۽ ٽالپر اميرن ۽ وزيرن جو تفصيلي احوال موجود آهي. باب ٻئي ۾ فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جو مفصل احوال آهي. باب ٽئين ۾ مير غلام علي خان ٽالپر (پهرين چؤياريءَ جي ٻئي حاڪم) جو تفصيلي احوال آهي. باب چوٿين ۾ مير ڪرم علي خان ٽالپر (پهرين چؤياريءَ جي ٽئين نمبر حاڪم) جو تفصيلي احوال موجود آهي. باب پنجين ۾ مير مراد علي خان ٽالپر (پهرين چؤياريءَ جي چوٿين حاڪم) جو تفصيلي احوال موجود آهي، ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ ’ظفر نامه مثنوي‘، آخوند احمد هالائي سانوڻيءَ جو منظوم ’جنگ نامه‘ ۽ ٽالپرن خلاف سمٿ جي ڪوڙي سروي رپورٽ شامل آهي. ڪتاب ۾ ٽالپر حاڪمن، وزيرن، ايران جي بادشاهه فتح علي خان قاچار جون تصويرون ٽالپر حاڪمن جا فرمان، فوج، نقشو، ميرن جي قبن جي قديم تصوير، ميرن جي پوشاڪ، هٿيارن ۽ توبن، شاهه شجاع جي عياشيءَ واري محفل، حيدرآباد جي قلعي، انگريزن ۽ بهاولپور جي نواب صادق محمد خان جون تصويرون به شامل آهن.
ڪتاب ۾ اداري جي سربراهه مير احسان علي خان ٽالپر جا تاثرات شامل آهن ۽ مقدمو مصنف جي پوٽي صفدر حسين ميرزا لکيو آهي. ان کان سواءِ ٻه قطعه تاريخون ڇپجڻ واري سال تي چيل آهن، جنهن مان هڪ ميرزا سڪندر علي بيگ جي ۽ ٻي صفدر حسين ميرزا جي فارسيءَ ۾ چيل آهي. 920 صفحن تي مشتمل چار رنگي ٽائيٽل سان هي ڪتاب مير مراد علي خان ٽالپر پبليڪيشن حيدرآباد طرفان 2012ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 1000 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو